اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ سياسي ??ستحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ناتن سيمت افغانستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ افغان شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. افغان شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي ??ن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي برادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. افغانستان مان پرڏيهين ۽ عالمي برادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي افغان شهرين جي واپسي ??ي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. افغانستان مان پرڏيهين ۽ افغان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ افغان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک افغانين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Chenab, Sutlej rivers hit extremely high flood levels
-
Federal government to provide electricity bill relief for flood victims
-
Azma expresses sorrow over passing of state minister’s brother
-
Shireen Mazari’s arrest by ACE Punjab declared illegal
-
PM Shehbaz assures CJP of swift action on missing person cases
-
Maryam suspends Jinnah Hospital MS after surprise visit
-
کار کریش گیم ایماندار تفریحی پلیٹ فارم
-
Police seeks armys help for Muharram
-
Pakistan test-fires Babur cruise missile
-
Education Day marked with rallies in Hyderabad, Dadu
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ: مستقبل کا کھیل
-
خزانے کی قبر سرکاری گیم پلیٹ فارم کی تفصیل