اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو بيواهه کي گهٽ پينشن ڏيڻ جو فيصلو رد ڪندي اي او بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙس جي وفات جي تاريخ کان بيواهه کي پينشن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئي وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نو??بر 2020ع تي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جنهن ۾ هن اي او بي آءِ کان 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان گڏ پينشن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار رکيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976ع جي اي??ٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز پينشن بابت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات پينشن جو حقدار آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو اي??ٽ جي سيڪشن 22(3) جي طرح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي پينشن بابت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلمان جي وفات تي وراث?? ۽ ??يا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ اي??ٽ 1976ع جي سيڪشن 22 بي ۽ عام اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي مڙس جي وفات جي تاريخ کان پينشن جي حقدار آهي، وفاقي محتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئي، وفاقي محتسب 29 سيپٽ??بر 2017ع تي پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي پينشن رهتون ڏيڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار رکيو، محتسب پنهنجي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي لحاظ کان ايجنسي جي طرفان ڪا به خراب انتظاميه نه ڏٺي، ن??بر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن جي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي مڙس کي پنهنجي وفات تائين اي او بي آءِ کان پينشن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي پينشن جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ايجنسي پهرين فيبروري 2019ع کان صرف 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي او بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽ??بر 2017ع کان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
متعلقہ مضامین
-
LHC seeks report from federal ministry regarding use of X
-
Fuel prices kept unchanged to compensate for power bills relief
-
PIA commences direct flights from Lahore to Baku
-
KPT flyover closed for one month: alternative routes announced
-
BG آن لائن قابل اعتماد بیٹنگ پلیٹ فارم: محفوظ اور منصفانہ تجربہ
-
گولڈن جیم - ایک قابل اعتماد بٹنگ ویب سائٹ
-
Pakistan Tehreek-e-Insaf sharpening talons for another fateful push
-
PMA lauds Fidel Castro’s health policies
-
Five new Judges of SHC take oath
-
Will utilise all govt resources to make Peshawar a model city
-
Treasure Tomb Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ
-
الیکٹرانک سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی اہمیت اور خدمات